ليڊي ڊفرن اسپتال

ليڊي ڊفرن اسپتال(Lady Dufferin Hospital) : ليڊي ڊفرن اسپتال حيدرآباد شھر جي علائقي گاڏي کاتي، ريشمي گهٽي ويجهو يعقوب ڪاسائي جي پڙ وٽ واقع آهي. هيءَ اسپتال هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن جي بيگم ليڊي ايلگن 1894ع ۾ مقامي سرندي وارن ماڻھن جي چندي سان ويم گهر ۽ نو مولود ٻارن جي نگھداشت لاءِ جوڙائي هئي. هن اسپتال جو شمار انگريز دؤر ۾ عورتن جي زچگي ۽ ٻارڙن جي سنڀال (ميٽرنٽي هوم) واري پھرين ۽ وڏي اسپتال طور ٿئي ٿو. هيءَ اسپتال هن وقت مخدوم بلاول ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو لاءِ ٽيچنگ اسپتال (سکيا مرڪز) پڻ آهي. هن اسپتال جو قيام انگريز دور ۾ ان وقت عمل ۾ آيو، جڏھن راڻي وڪٽوريا کي هندستان ۾ ويم دوران فوت ٿيندڙ هزارين عورتن ۽ ٻارڙن جون خبرون پھچڻ لڳيون. جنھن تي ملڪه وڪٽوريا طرفان هندستان جي تڏهوڪي وائسراءِ جي گهر واريءَ ليڊي هيريئٽ ڊفرن (ليڊي ايلگن) کي جاري ڪيل خاص هدايت موجب هڪ ئي وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هن اسپتال جو بنياد رکيو ويو. ليڊي ڊفرن خصوصي طور تي عورتن جي زچگي ۽ نون ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال لاءِ گڏيل هندستان جي ستن شھرن ۾ ليڊي ڊفرن گروپ واريون اسپتالون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنھن تحت هاڻوڪي پاڪستان ۾ ڪراچي، ڪوئيٽا، شڪارپور ۽ حيدرآباد ۽ موجوده هندستان ۾ دهلي، ناگپور ۽ ڪلڪتي ۾ اهڙيون اسپتالون قائم ٿيون. اسپتالن جي تعمير لاءِ لاڳاپيل شھرن جي مقامي سرندي وارن ماڻهن کي ڊفرن اسپتال جي مد ۾ چندو ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي جي اسپتال جي بنياد رکڻ واري ڏينھن سماجي اڳواڻ ايڊلجي ڊنشا پنجاهه هزار روپين جو چندو ڏنو. اهڙي ريت حيدرآباد واري ليڊي ڊفرن اسپتال سيٺ پوهومل کيامل ۽ ٻين سرندي وارن جي ڏنل عطيي مان تعمير ڪئي وئي. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ ليڊي ڊفرن اسپتالن جو انتظام سماجي ماڻھن جي ڪميٽي جوڙي سنڀاليو ويو.
اسپتال جي رڪارڊ موجب هن وقت اسپتال ۾ 300 مريضن جي رهڻ جي گنجائش آهي. جن مان 50 بيڊ نون ڄمندڙ ٻارڙن لاءِ مخصوص ڪيل آهن. جڏھن ته هڪ ئي وقت 80 جي لڳ ڀڳ ڳورهاريون عورتون داخل ڪري سگهجن ٿيون. هن اسپتال ۾ 4 جديد آپريشن ٿيٽر، وقت کان اڳ ڄمندڙ (Pre-mature) ۽ وقت تي ڄمندڙ ٻارڙن جا ڌار ڌار وارڊ، جديد الٽرا سائونڊ ڊپارٽمينٽ، انتھائي نگھداشت وارو يونٽ (ICU)، ليبر روم، ڪنسلٽنگ رومز، او پي ڊي، خانداني منصوبا بندي جو شعبو، ويڪسين وارو شعبو، جديد ليبارٽري، ريڊيولاجي ۽ فارميسي وارا شعبا موجود آهن. زچگيءَ جي حوالي سان سنڌ جي عورتن لاءِ مخصوص ڪيل وڏي اسپتال آهي. جتي ويم کانسواءِ عورتن ۽ ٻارڙن جو جنرل علاج به ڪيو وڃي ٿو. حيدرآباد جي هن اسپتال جو شمار سنڌ جي وڏين اسپتالن ۾ ٿئي ٿو. جتي وقت کان اڳ ڄمندڙ ٻارڙن جي سنڀال لاءِ ست انڪيوبيٽر موجود آهن، ٻارڙن کي مصنوعي روشني يا گرمي فراهم ڪندڙ 3 جديد هيٽر، جديد گهرجن وارو ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول ۽ مڊوائفري ٽيچنگ هال پڻ موجود آهي. هن اسپتال ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي چڪاس لاءِ ڪيموگرافي جو شعبو، ساڳي ريت آئي وي ايف واري ڊليوري، جديد ترين هسٽروسڪوپي، ليبر وسڪوپڪ سرجري، سنڍپڻ جي علاج جو شعبو پڻ اسپتال جي ايندڙ منصوبن ۾ شامل آهي. جڏھن ته گهٽ وزن وارن ٻارڙن جي ڪينگرو انداز ۾ ماءُ جي ڇاتي سان لڳائي رکڻ واري تربيت جو منصوبو، ذهني ۽ جسماني معذوري سان ڄمندڙ ٻارڙن جي نگھداشت وارو يونٽ پڻ اسپتال جي ايندڙ منصوبن ۾ شامل آهي. هن وقت اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر سيد نور محمد شاهه آهي.


لفظ ليڊي ڊفرن اسپتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو